تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙو، نظر جي حد گهٽجي وئي

- Advertisement -
سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي رهي آهي، موٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته شهري غير ضروري سفر کان پاسو ڪن. خيرپور شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي جڏهن ته نظر جي حد گهٽجڻ سبب قومي شاهراهه ۽ انڊس هاءِ وي تي ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي رهي آهي. نوشهري فيروز ۽ ڀرپاسي ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجڻ سبب قومي شاهراهه سميت ننڍن وڏن روڊن رستن تي ٽريفڪ متاثر ٿيڻ ڪري ماڻهو ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. موٽروي پوليس عوام کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڊرائيورن کي گاڏيون قومي شاهراهه تي آڻڻ کان روڪي ڇڏيو. پڊعيدن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ۾ ڪوهيڙي سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. پڊعيدن ۽ ڀرپاسي ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي جنهن سبب بجلي ۽ گيس بند هئڻ ڪري شهرين سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا. مديجي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مرزا پور ۽ ڳاهيجا ۾ ڪوهيڙي سبب ٿڌ ۾ وڌي وئي جنهنڪري ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. ميان صاحب ۽ ڀرپاسي ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي وئي جنهنڪري قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي. جمال شاهه ۽ ڀرپاسي ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، جنهن سبب ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي رهي آهي. سرهاڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به ڪوهيڙي جي ڪري نظر جي حد گهٽجي وئي آهي جنهن سبب ماڻهن گهرن تي محدود ٿي ويا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
28 %
2.6kmh
7 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون