- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 5 ڏينهن کان لڳاتار هلندڙ برسات تباهي مچائي ڇڏي، وقفي وقفي سان جاري برسات سبب سوين گهر ڊگهي پٽ پئجي ويا.
حيدرآباد ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي، شهباز بلڊنگ ۾ قائم ڪمشنر، ڊي آءِ جي، ڊپٽي ڪمشنر، بورڊ آف روينو، اينٽي ڪرپشن سميت ڪيتريو ئي سرڪاري آفيسن ۾ پاڻي بيهجي ويو.
قمبر ۽ ڀرپاسي ۾ جاري برسات سبب بجلي جو نظام ڊاوان ڊول ٿي ويو آهي، واسڪاري سبب سارين جي فصل کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي.
شهداد ڪوٽ ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات سبب هيٺانهن وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.
ٽنڊي الهيار ۽ ڀرپاسي ۾ وسڪاري سبب پوکيل فصل ڪپهه، بصر ۽ ڀاڄين کي ڪاپاري نقصان پهتو آهي.
مٺي ۽ ڀرپاسي ۾ 4 ڏينهن کان جاري برسات سراڻ ڪالوني، سومرا ڪالوني، سول اسپتال، لوهار پاڙو سميت هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، ضلعي انتظاميا پاران اعلانيل رليف ڪئمپون قائم نه ٿيون، متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن.
دوداپور ۾ گذريل رات کان وقفي وقفي سان برسات جاري آهي.
جاتي جي سامونڊي پٽي ۾ پنجن ڏينهن کان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، وسڪاري سبب شاخون ۽ سم نالا ابتا وهڻ لڳا آهن، جڏهن ته ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.
فريدآباد ۽ کير ٿر جي جابلو پٽي ۾ هلندڙ برسات سبب ستن کان وڌيڪ نئيون وهي اچڻ سبب 25 کان وڌيڪ ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو.
قبي سعيد خان ۽ ڀرپاسي ۾ جاري برسات هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.
اڏيرو لال ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات سبب ٽي گهر مڪمل طور ڊهي پٽ ۽ 8 گهرن جون ڀتيون ڪري پيون.
ٽالهي پنجن ڏينهن کان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي، 16 کان وڌيڪ ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن.
ميان صاحب ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات جل ٿل هڪ ڪري ڇڏيو.
چيلهار ۾ وسڪاري بعد سرڪاري اسپتال ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ سبب مريض توڙي عملو پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳو.
بڪيرا شريف ۽ ڀرپاسي ۾ چئن ڏينهن کان جاري برسات سبب بصرن، ٽماٽرن ۽ ووئنڻن جي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.
ڄام صاحب ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات سبب مواصلاتي نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو.
ڪڙيون گهنور ۽ ڀرپاسي ۾ جاري برسات تباهه مچائي ڇڏي، ڪيترن ئي علائقن ۾ گوڏي جيترو پاڻي بيهجي ويو.
جهنڊو مري ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وقفي سان پنجين ڏينهن به برسات جاري آهي، وسڪاري سبب تعلقي ۾ ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا.
ڊگهڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪاري سبب ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا.- Advertisement -
