تازه ترين

سنڌ جي موجوده صورتحال ۾ سنڌ جي عدليه تي ڪوبه دٻاءُ نه آهي : چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ

- Advertisement -
چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ عقيل احمد عباسي چيو آهي ته سنڌ جي موجوده صورتحال ۾ سنڌ جي عدليه تي ڪوبه دٻاءُ نه آهي،  شڪايتون ضرور مليون پر بعد ۾ اهي غلط فهمي ثابت ٿيون. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي پاران روينيو ويريفڪيشن برانچ جو افتتاح ڪيو ويو. ان موقعي تي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي جو چوڻ هو ته خدا جي رحمت سان اڄ تائين مون مٿان ڪوبه دٻاءُ ناهي آيو، نه ئي مان دٻاءُ کڻڻ وارو آهيان، معذرت سان سوشل ميڊيا تي غلط پروپيگنڊا ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ هو ته اوهان اسان جي ججمينٽ کي ڏسو اها ڪنهن دٻاءُ جو شڪار ناهي هوندي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ هو ته ڪجهه سياسي ڪيسن ۾ جنهن ۾ سياسي ماڻهو ملوث هوندا آهن، اهي ٿورا سمجهه کان ٻاهر هوندا آهن، انهن ڪيسن تي پروپيگنڊا ڪئي ويندي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
17 %
8.1kmh
3 %
آچر
29 °
سُومر
33 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون