- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي ملاقات ٿي آهي.
ملاقات دوران ٻنهي وچ ۾ معيشيت جي بهتري لاءِ حڪومتي قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
نگران وڏي وزير مقبول باقر جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار ٻارڙن جي تعليم بابت قدم کڻي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته ٻارڙن جي خوراڪ جي مسئلن ۾ آمريڪي حڪومت سنڌ سرڪار جي مدد ڪري رهي آهي.
نگران وڏي وزير چيو ته آمريڪي حڪومت تعليم ۽ صحت جي شعبي ۽ ٻوڏ دوران سنڌ حڪومت جي ڀرپور مدد ڪئي.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر وڌيڪ چيو ته تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت استادن جي تربيت تي ڌيان ڏئي رهي آهي………….- Advertisement -
