تازه ترين

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايران ۾ حادثي ۾ پاڪستاني پانڌيئڙن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايران ۾ حادثي ۾ پاڪستاني پانڌيئڙن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. وڏي وزير جو چوڻ آهي ته ايران ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ٿيل جاني نقصان تي انتهائي افسوس ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته ايران روڊ حادثي ۾ شهيد ماڻهن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيان ٿو. وڏي وزير کي آگاهه ڏني وئي ته  پانڌيئڙن جي بس کي ايران جي شهر يزد ۾ حادثو پيش آيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ، صوبائي وزير ناصر شاهه کي متاثر خاندانن جي مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه صوبائي وزير ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ ايران جي قونصل جنرل سان رابطو ڪري حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جا لاش آڻڻ جا انتظام ڪيا وڃن.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
12 %
1.8kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون