تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان روس جي سفير البرٽ خوريف ملاقات

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اسٽيل ملز کي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ روس کان مدد گهري ورتي، سندس چوڻ آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ روس ڪراچي ۾ اسٽيل ملز لڳائي هئي، هو چاهن ٿا ته اسٽيل ملز کي ٻيهر بحال ڪرائن جنهن لاءِ رشين ايمبيسي مدد ڪري. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان روس جي سفير البرٽ خوريف ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ روس جو قونصل جنرل آندري فيڊروف، ٿرڊ سيڪريٽري پاول ايمانوف، ايڪٽرينا زيگچ، وڏي وزير سان گڏ سيڪريٽري عبدالرحيم شيخ شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته رشين قونصل جنرل سان سٺي ڪو آرڊينيشن آهي، روس سان لاڳاپا بهتر ۽ مستحڪم ٿي رهيا آهن، هو روس سان صحت، تعليم ۽ ثقافت بابت لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهن ٿا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ روس ڪراچي ۾ اسٽيل ملز لڳائي هئي، هو چاهن ٿا ته اسٽيل ملز کي ٻيهر بحال ڪرائن جنهن لاءِ رشين ايمبيسي مدد ڪري. روس جي سفير چيو ته ايندڙ هفتي روس ۽ پاڪستان جي ماهرن ۾ آن لائن اسٽيل ملز جي بحالي بابت ڳالهيون ٿينديون، ڳالهين بعد روس جو وفد اسٽيل ملز جو دورو ڪندو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه تجويز ڏيندي چيو ته اسٽيل ملز جو نئون پلانٽ لڳايو وڃي ته بهتر ٿيندو، اسٽيل ملز هلڻ سان معيشيت مضبوط ٿيندي ۽ روزگار وڌندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسٽيل ملز سنڌ جي عوام کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو تحفو آهي، جنهن کي هو هلائڻ چاهن ٿا، اسٽيل ملز جا ملازم به پريشان آهن ۽ سندن مسئلو به حل ٿي ويندو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ روس جي سفير پاران ٻطرفي واپار کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وڏي وزير رشين ڪمپنين سان ڊپلوميٽ چينل ذريعي ڳالهيون اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
12 %
0.4kmh
3 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون