- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته مادر جمهوريت نصرت ڀٽو آمر جنرل ضياءَ خلاف تاريخي تحريڪ ايم آر ڊي جي قيادت ڪئي ۽ عوام جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه مادر جمهوريت نصرت ڀٽو جي 13 هين ورسي تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو ملڪ ۾ آئين ۽ جمهوريت جي بحالي خاطر قيد ۽ تشدد به برداشت ڪيو.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو هڪ عهد ساز شخصيت هئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته بيگم نصرت ڀٽو ملڪ ۽ قوم لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون اهي هميشه ياد رکيون وينديون.
هن چيو ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو سندن دلين ۾ تاريخ ۾ هميسه زنده رهندي.- Advertisement -
