- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي پيغام جاري ڪيو ويو.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته هو اڄ جي ڏينهن سمورن پورهيتن کي هو سلام پيش ڪري ٿو.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته مزدور حلال رزق ڪمائيندا آهن، الله تعاليٰ کين پنهنجو دوست سمجهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته پورهيتن پاڪستان جي ترقي ۽ تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت سمورن پورهيتن کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ سندن ٻارن جي تعليم ۽ صحت لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت صنعتي ۽ زرعي پورهيت، عورت ورڪرز ۽ هارين جي ترقي لاءِ پروگرام شروع ڪري رهي آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت سمورن پورهيتن کي رجسٽر ڪري سماجي تحفظ جي پروگرام ۾ کين شامل ڪري رهي آهي.- Advertisement -
