تازه ترين

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھه کي عهدي تان هٽائڻ جا افواهه گردش ڪرڻ لڳا.

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھه کي عهدي تان هٽائڻ جا افواهه گردش ڪرڻ لڳا. ذريعن موجب، هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي وزير سيد مراد علي شاھه کي عهدي تان هٽائي پارٽي جي هڪ پراڻي جيالي کي سندس جاءِ تي وڏو وزير بڻائڻ جون ڳالهيون عام ٿي رهيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته جمعي ڏينهن صدر آصف علي زرداري جي وڏي وزير مراد علي شاھه سان ملاقات ٿي هئي جنهن کانپوءِ اهي افواهه گردش ڪرڻ لڳا آهن. ذريعن موجب، پارٽي جي تنظيم به وڏي وزير مراد علي شاهه مان خوش ناهي جنهنڪري هن ڀيري پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به شايد کيس بچائي جي ڪوشش نه ڪري. ذريعن جو چوڻ آهي ته مراد علي شاھه جي غير عوامي انداز سبب کيس پارٽي قيادت جي تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ذريعن موجب، وڏي وزير مراد علي شاهه جي جاءِ تي خيرپور سان تعلق رکندڙ پارٽي جي هڪ سينيئر ترين اڳواڻ کي واپس آڻڻ تي ويچار ٿي رهيو آهي. هڪ ٻئي ذريعي جو چوڻ آهي ته پارٽي ۽ حڪومت اندر هر وقت ٽي کان چار اميدوار ان عهدي لاءِ هميشه تيار هوندا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
21 %
4.4kmh
5 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون