- Advertisement -
سنڌ جي ڊوميسائل تي ٻين صوبن جي اميدوارن جو مبينا طور جعلي طريقي سان ڊوميسائل ٺهرائي سي ايس ايس امتحان پاس ڪرڻ وارو معاملي جي سنڌ جي گهرو کاتي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ جي گهرو کاتي صوبي جي ڊپٽي ڪمشنرن کي خط لکي جلد جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
گهرو کاتي موجب، مبينا طور سنڌ جو ڊوميسائل حاصل ڪري سڌو سنئون سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻيا عهدا حاصل ڪندڙ اميدوارن مٿان شڪ آھي.
صوبائي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته مبينا طور جعلي طريقي سان سي ايس ايس پاس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيندڙن ۾ ارسلان چوڌري، ڪامران احمد، اسدالله گوندل، مخدوم ملڪ ۽ اويس برار جي ڊوميسائل جي جاچ ڪئي وڃي.
گهرو کاتي موجب، آڊٽ اڪائونٽس ۾ 17 گريڊ جي ملازمت حاصل ڪندڙن ۾ راجا عبدالسلام ۽ راڻا ضيا الرحمان جا ڊوميسائل به شڪي آهن.
صوبائي گھرو کاتي جو چوڻ آهي ته آفيس مينجمنٽ گروپ جي هانيه منهاس جو ڊوميسائل به چيڪ ڪيو وڃي.- Advertisement -
