- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوريءَ وڏي وزير کي خط لکي پنجاب جيان سنڌ ۾ به بجلي جي بلن ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
وڏي وزير سيد ملي شاهه کي لکيل خط ۾ گورنر ڪامران ٽسوريءَ چيو ته حڪومت طرفان مليل رليف سان شهرين تي بار گهٽجي سگهي ٿو.
هن چيو ته بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ وارو عمل سنڌ حڪومت جي عزم جو مثال بڻجندو.
ڪامران ٽسوريءَ چيو ته موجوده معاشي صورتحال ۾ رليف جا فائدا انتهائي اهم ثابت ٿيندا.
سنڌ جي گورنر چيو ته خط تي سنڌ حڪومت جي هاڪاري جواب ۽ قدم جو انتطار رهندو.- Advertisement -
