تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري طرفان سنڌ ڳوٺ آباد اسڪيم ترميمي بل تي صحيح کان انڪار

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري سنڌ ڳوٺ آباد اسڪيم ترميمي بل تي صحيح کان انڪار ڪندي واپس موڪلي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ڳوٺ آباد هائوسنگ اسڪيم جي سيڪشن ٽي ۾ ترميم قبول ناهي، ترميم سان حقدار شخص کي ٻن بدران 3 ويسا زمين الاٽ ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن.

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري آئين جي آرٽيڪل 116، ٽو بي تحت حاصل اختيار استعمال ڪندي دي سنڌ ڳوٺ آباد ترميمي بل 2023ع صحي ڪرڻ کانسواءِ واپس ڪري ڇڏيو.

گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري جو چوڻ آهي ته بل ۾ دي سنڌ ڳوٺ آباد ايڪٽ 1987ع جي سيڪشن ٽي ۾ ترميم ڪئي وئي آهي ۽ هن ۾ ڄاڻايل لفظ 2 کي 3 سان تبديل ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته هن ترميم تحت هاڻي الاٽمينٽ ڪميٽي کي ٻهراڙي جي علائقن ۾ حقدار شخص کي ٻن بدران 3 ويسا زمين الاٽ ڪرڻ جو اختيار هوندو.

گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري چيو ته هي ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته دي سنڌ ڳوٺ آباد ترميمي ايڪٽ 2008ع تحت ٻهراڙي کي ڪنهن تعلقي يا ٽائون ۾ به ٻهراڙي جي علائقي طور شمار ڪري سگهجي ٿو.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ٽائون ۾ الاٽمينٽ ڪميٽي طرفان 3 ويسا زمين ڪنهن کي الاٽ ڪئي وڃي ٿي ته اها انتهائي زيادتي آهي.

گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري چيو ته هن معاملي تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ هي بل صوبائي اسيمبليءَ کي واپس اماڻيو پيو وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
29 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
21 %
3.9kmh
5 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون