سنڌ حڪومت، ايِ وي ٽيڪسي سروس  شروع ڪرڻ لاءِ ڪوششون وڌيڪ تيز

- Advertisement -
سنڌ حڪومت، ايِ وي ٽيڪسي سروس  شروع ڪرڻ لاءِ ڪوششون وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيون، 24 ڪلاڪن دوران ٽرانسپورٽ کاتي جي ٻئي اجلاس ۾ چارجنگ اسٽيشنون جلد قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ رٿابندي ۽ ترقي واري سيڪريٽري نجم شاهه، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دائي، پيپلز بس سروس جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر صهيب شفيق  ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران عملدارن وزيرن کي ايِ وي ٽيڪسين جي آپريشنل ماڊل ۽ فائدن بابت آگاهه ڪيو. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ناصر شاهه لاڳاپيل کاتن کي ايِ وي چارجنگ اسٽيشنن سميت ضروري بنيادي ڍانچو جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته اي وي ٽيڪسي سروس ماحول دوست ۽ سستو متبادل فراهم ڪري سنڌ جي ٽرانسپورٽيشن جي نظام کي تبديل ڪري ڇڏيندي. هن چيو ته هو بنا دير ان سروس کي جلد شروع ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، هڪ جديد ۽ جٽادار ٽرانسپورٽ نظام سندن ويزن موجب آهي. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته انفرااسٽرڪچر کي چارج ڪرڻ الاءِ جديد فنانسنگ ماڊلن تائين سندن مقصد سنڌ ۾ هڪ جامع ايِ وي ايڪو سسٽم بڻائڻ آهي. هن چيو ته بئنڪن جي سهڪار سان  بي روزگار نوجوانن کي آسان قسطن تي اي وي ٽيڪسيون فراهم ڪيون وينديون
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.6 ° C
10.6 °
10.6 °
27%
2.3m/s
6%
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °

تازه ترين خبرون