- Advertisement -
سنڌ حڪومت اينٽي ڪرپشن جي قاعدن ۽ ضابطن ۾ تبديلي ڪري ڇڏي آهي.
اينٽي ڪرپشن 1993 قاعدن جي ضابطي نمبر 8 جي تبديلي سان هاڻ نوان قاعدا ۽ ضابطا لاڳو ٿيندا.
قاعدن ۽ ضابطن ۾ تبديلين کان پوءِ اينٽي ڪرپشن کاتي جي اعليٰ سطحي ڪميٽي ون جي جوڙجڪ تبديل ڪري نئين ڪمپوزيشن ۾ ميمبرن جو انگ 4 مان وڌائي 7 ڪيو ويو آهي.
هاڻي نيب، عدالتن، ايجنسين ۽ اختيارين پاران ڪيل شڪايتون جاچ، تحقيق يا ريفرل شڪايت تصور ڪيو ويندو.
پهرين ڪميٽي ۾ چيف سيڪريٽري، چيئرمين اي سي اِي، لاڳاپيل کاتي جو سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر اي سي اِي شامل هئا، نئين جوڙجڪ ۾ ميمبرن جو تعداد هاڻي 7 ڪيو ويو آهي.
چيف سيڪريٽري، چيئرمين اي سي اِي، لاڳاپيل کاتي جا سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر اي سي اِي، چيئرمين سي ايم آءِ ٽي، ايڊووڪيٽ ۽ پراسيڪيوٽر جنرل پڻ اجلاس ۾ شامل ٿيا.
لاڳاپيل ضابطن ۾ تبديليون ۽ نئين هاءِ پاور ڪميٽي ون هاڻي شڪايتن، جاچ ۽ پڇا ڳاڇا يا کاتن نيب، عدالتن، ايجنسين ۽ اختيارين پاران ڪيل ريفرلز جو به جائزو وٺندي.
هاءِ پاور ڪميٽي جي قيام جو بنيادي مقصد نيب قانونن ۾ تبديلي کانپوءِ منتقل ٿيل ڪيسن تي فيصلن ۽ نون ڪيسن جي رجسٽريشن بابت طئي ڪرڻ آهي.- Advertisement -
