تازه ترين

سنڌ حڪومت اينٽي ڪرپشن جي قائدن ۽ ضابطن ۾ تبديلي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ حڪومت اينٽي ڪرپشن جي قاعدن ۽ ضابطن ۾ تبديلي ڪري ڇڏي آهي. اينٽي ڪرپشن 1993 قاعدن جي ضابطي نمبر 8 جي تبديلي سان هاڻ نوان قاعدا ۽ ضابطا لاڳو ٿيندا. قاعدن ۽ ضابطن ۾ تبديلين کان پوءِ اينٽي ڪرپشن کاتي جي اعليٰ سطحي ڪميٽي ون جي جوڙجڪ تبديل ڪري نئين ڪمپوزيشن ۾ ميمبرن جو انگ 4 مان وڌائي 7 ڪيو ويو آهي. هاڻي نيب، عدالتن، ايجنسين ۽ اختيارين پاران ڪيل شڪايتون جاچ، تحقيق يا ريفرل شڪايت تصور ڪيو ويندو. پهرين ڪميٽي ۾ چيف سيڪريٽري، چيئرمين اي سي اِي، لاڳاپيل کاتي جو سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر اي سي اِي شامل هئا، نئين جوڙجڪ ۾ ميمبرن جو تعداد هاڻي 7 ڪيو ويو آهي. چيف سيڪريٽري، چيئرمين اي سي اِي، لاڳاپيل کاتي جا سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر اي سي اِي، چيئرمين سي ايم آءِ ٽي، ايڊووڪيٽ ۽ پراسيڪيوٽر جنرل پڻ اجلاس ۾ شامل ٿيا. لاڳاپيل ضابطن ۾ تبديليون ۽ نئين هاءِ پاور ڪميٽي ون هاڻي شڪايتن، جاچ ۽ پڇا ڳاڇا يا کاتن نيب، عدالتن، ايجنسين ۽ اختيارين پاران ڪيل ريفرلز جو به جائزو وٺندي. هاءِ پاور ڪميٽي جي قيام جو بنيادي مقصد نيب قانونن ۾ تبديلي کانپوءِ منتقل ٿيل ڪيسن تي فيصلن ۽ نون ڪيسن جي رجسٽريشن بابت طئي ڪرڻ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
41 %
2.5kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون