- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ايڪسائيز نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول ونگ جو اجلاس ٿيو.
سينيئر صوبائي وزير، نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول آفيسرن کي سڄي صوبي مان منشيات جي لعنت جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته کاتي ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، ڪيترائي اهم قدم کنيا ويا آهن، منشيات خلاف ڪاررواين ۾ تيزي آندي وڃي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاررواين لاءِ سمورا وسيلا ۽ سهولتون قطب آڻيندي، پوليس، رينجرز ۽ ٻيا کاتا به منشيات خلاف ڪارروائي ۾ مدد لاءِ هر وقت تيار رهندا.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته منشيات جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، منشيات وڪرو ڪندڙ قوم جا دشمن آهن، سندن خلاف سنجيدگي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ڊي جي ايڪسائيز نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول عثمان غني صديقي، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي ڪاررواين بابت بريفنگ ڏني.- Advertisement -
