- Advertisement -
سنڌ حڪومت وفاق کان ڪپهه جو نئون امدادي اگهه 10 کان 11 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
زراعت واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڪپهه جي فصل جو هدف 6 لک 40 هزار هيڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته فصل جو مناسب اگهه نه ملڻ سبب آبادگار وونئڻن جي پوکي نه ڪري رهيا آهن.
صوبائي وزير چيو ته ڪپهه ملڪ جي ٽيڪسٽائل صنعت جي ضرورت آهي، هاري کي سٺو اگهه نه ملندو ته فصل ڪيئن پوکيندو.
هن چيو ته سنڌ ۾ هن وقت 20 سيڪڙو وونئڻن جي پوکي ٿي چڪي آهي، فصل جو مناسب اگهه نه ملڻ سبب آبادگار وڌيڪ پوکي نه ڪري رهيا آهن، جنهن سنڌ جا هاري پريشان آهن.
سردار محمد بخش مهر چيو ته مهانگو، ڀاڻ، ٻج، تيل ۽ زرعي دوائن هارين جا خرچ وڌائي ڇڏيا آهن، آبادگارن کي گذريل سال ڪپهه جو مناسب اگهه نه مليو هو ته هن ڀيري فصل ڪيئن تيار ڪندا؟
هن چيو ته ارلي خريف جي موسم ۾ سنڌ کي حصي جو پاڻي نه مليو ته ڪپهه ۽ چانورن سميت ٻيا فصل گهٽ لڳڻ جو خدشو آهي.
صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته ارسا جي ٽه رخي فارمولي تحت سنڌ کي پاڻي ڏيڻ واري فيصلي کي رد ڪيون ٿا……….- Advertisement -
