تازه ترين

سنڌ حڪومت ڪراچي ايئرپورٽ ڀرسان چيني شهرين تي حملي جي جاچ لاءِ گڏيل ٽيم جوڙي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ حڪومت ڪراچي ايئرپورٽ ڀرسان چيني شهرين تي حملي جي جاچ لاءِ گڏيل ٽيم جوڙي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال بابت اهم اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي جي رينجرز، گهرو سيڪريٽري، اي آءِ جي ڪراچي، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي.

وڏي وزير سڄي صوبي خاص طور ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو.

وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪو برداشت جوڳو ناهي، اهڙا واقعا نه ٿيڻ گهرجن، پوليس ۽ ٻيا امن امان قائم ڪندڙ ادارا انٽيليجنس جو ڪم تيز ڪن.

وڏي وزير مراد علي شاهه سمورن امن امان قائم ڪندڙ ادارن کي پاڻ ۾ رابطا بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه کي امن امان قائم ڪندڙ ادارن ايئر پورٽ ويجهو ڌماڪي بابت بريفنگ ڏني.

وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪندي چيو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل جاچ ڪميٽي جوڙي وڃي، گڏيل ڪميٽي ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي جي جاچ ڪري.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون