تازه ترين

سنڌ سرڪار جي مخالفت باوجود پنجاب چولستان ڪئنال جي منظوري جي ضد تي قائم آهي

- Advertisement -
سنڌ سرڪار جي مخالفت باوجود پنجاب چولستان ڪئنال جي منظوري جي ضد تي قائم آهي، تڪراري چولستان ڪئنال جي منظوري واري رٿا سي ڊي ڊبليو پي جي ايجنڊا ۾شامل ڪئي وئي آهي، سنڌ ٽي وي نيوز جي انويسٽيگيشن سيل رٿا بابت ورڪنگ پيپر ۽ ٻيا دستاويز هٿ ڪري ورتا. پنجاب پنهنجي هوڏ تان نه لٿو، سنڌ سرڪار جي مخالفت باوجود تڪراري چولستان ڪينال جي منظوري واري رٿا سي ڊي ڊبليو پي جي ايجنڊا ۾ شامل آهي. هٿ ڪيل پيپرن موجب، اڄوڪي اجلاس جي ايجنڊا نمبر 14 ۾ 211 ارب رپين کان مٿي جي رٿا موجود آهي. سنڌ سرڪار اڳ ئي جولاءِ ۾ هن رٿا خلاف گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ وڃي چڪي آهي. سي سي آءِ مان اڃا تائين ڪوبه فيصلو نه اچڻ باوجود پنجاب تڪراري رٿا منظور ڪرائڻ واري ضد تي قائم آهي. سنڌ جي آبپاشي کاتي سيپٽمبر ۾ ٿيل اجلاس ۾ به هن رٿا جي مخالفت ڪئي هئي. ماهرن پنجاب جي ضلعي بهاولپور ۾ رٿيل ڪينال کي سنڌ جي حصي مان پاڻي ڏيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
34 %
1kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون