سنڌ سرڪار صوبي ۾ اينٽي نارڪوٽڪس فورس بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته ايندڙ هفتي سنڌ اسيمبلي ۾ قانون سازي ڪئي ويندي، ارڙهين ترميم ۾ نارڪوٽڪس کاتو صوبن ڏانهن منتقل ته ٿيو پر ڪو باضابطا قانون موجود نه هو.
هن چيو ته ايَ اين ايف جي قانونن تحت گرفتار جوابدارن کي ايڪسائز ۽ پوليس علمدار عدالتن ۾ پيش ڪندا هئا، هاڻي صوبي ۾ ڌار نارڪوٽيڪس فورس هوندي.
صوبائي وزير چيو ته نارڪوٽڪس فورس جو سربراهه ڊي جي هوندو، جيڪو 21 هين يا ويهين گريڊ جو آفيسر هوندو.
ضياءَ الحسن لنجار چيو ته نارڪوٽڪس فورس جو سربراهه پوليس ۽ سول سروس مان به ٿي سگهي ٿو، صوبي جي هر ضلعي ۾ منشيات جي خاتمي واريون عدالتون قائم ٿينديون، قانونسازي اسيمبليءَ جي موجوده سيشن ۾ ئي ڪئي ويندي.
گهرو وزير چيو ته ڪجهه شقن ۾ ترميمون ٿي رهيون آهن، ڪهڙي رينڪ جو آفيسر ڪنهن مقدار جي منشيات جي جاچ ڪري سگهندو، ان تي صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن.
ضياءَ الحسن لنجار چيو ته فورس جون آفيسون، موبائلز ۽ يونيفارم سڀ ڌار هوندا.
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.2
°
C
10.2
°
10.2
°
26%
0.8m/s
0%
خميس
10
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°
سُومر
17
°


