- Advertisement -
سنڌ سرڪار طرفان چوماسي جي برسات دوران 6 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته برساتن دوران سنڌ ۾ 6 ماڻهو فوت ٿيا آهن، متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، بجلي جو مسئلو مستقل حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، ڪوئلي مان ملڪ جي سستي ترين بجلي ٺهڻ شروع ٿي وئي آهي، سولر منصوبي سان 2 لک کان وڌيڪ خاندانن کي مستقل رليف ملندو، سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر ٺاهي رهي آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته برساتن جو هيوي اسپيل ڪيترن ئي ضلعن ۾ هلي رهيو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه اڳواٽ انتظاميا کي متحرڪ ڪري ڇڏيو هو، ميئر، صوبائي وزير ۽ خاص مددگار تڪن ۾ انتظاميا جي مدد ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته بدين ۾ سڀ کان وڌيڪ 168 ملي ميٽر برسات پئي، شهيد فاضل راهو تعلقي ۾ 190 ملي ميٽر برسات ٿي، جتي پاڻي بيٺو اتي نيڪال ڪرڻ لاءِ انتظاميا متحرڪ ٿي، ڪوٽ غلام محمد ۾ 134 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته ميرپورخاص ۾ 157 ملي ميٽر برسات پئي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چوماسي جي برسات دوران 6 ڄڻا فوت ٿيا آهن، گهرن ۽ فصلن کي به نقصان پهتو آهي، پيپلزپارٽي فوٽو سيشن ۽ مسئلن جي عارضي رليف تي يقين ناهي رکندي، خميس ڏينهن بلاول ڀٽو زرداري 2 لک کان وڌيڪ خاندانن کي رليف فراهم ڪيو.
هن چيو ته هو 2 لک کان وڌيڪ خاندانن کي بجلي ٻن مهينن يا ٻن سالن لاءِ سستي نه ڏئي رهيا آهن، هو سولر سسٽم ذريعي سڄي عمر لاءِ ماڻهن کي رليف ڏئي رهيا آهن، ڪنهن به صوبي ۾ عوام کي مفت ۾ سولر سسٽم ناهي ڏنو ويو.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته محترمه بينظير ڀٽو ٿرپارڪر جي ڪوئلي تي ڪم شروع ڪيو، پاڪستان جي تقدير ٿرپارڪر جو ڪوئلو تبديل ڪندو، ٻوڏ سنڌ کانسواءِ پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ به آئي، پيپلزپارٽي ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ ۾ 21 لک گهر ٺاهي رهي آهي، پ پ شوبازي تي يقيني ناهي رکندي، پيپلزپارٽي اهو ڪم ڪندي آهي جن سان ماڻهن کي سڄي عمر رليف ملندو.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ صحت جي شعبي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، سنڌ ۾ علاج لاءِ بهترين اسپتالون موجود آهن، جيڪي ماڻهو وڏيون وڏيون دعوائون ڪندا آهن، سندس صوبن جا ماڻهو به هتي علاج ڪرائڻ ايندا آهن، ٻيا صوبا به سائبر نائف ٺاهن، ليور جو مفت ٽرانسپلانٽ ڪن، پ پ ماڻهن جي مدد ڪري رهي آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن پيپلزپارٽي وفاق ۾ حڪومت ٺاهيندي.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته پاڪستان جي هر ماڻهو سندن ماڻهو آهي، سڀني کي رليف ڏيڻ سندن ڪم آهي، هو ٽرانسپورٽ ۾ به محنت ڪري رهيا آهن، ملڪ جي پهرين پنڪ بس سروس کڻي آيا آهن، پهرين اي وي ٽيڪسي سروس به آڻي رهيا آهن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت نارڪو ٽيڪس بابت صدر آصف علي زرداري جي هدايتن تي جهاد جو اعلان ڪيو آهي، هنن ماڻهن جي حوصلا افزائي نه ڪيو جيڪي منشيات جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن، کين اسيمبلي به منشيات خلاف مينڊيٽ ڏنو آهي، هو منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪندا.- Advertisement -
