- Advertisement -
سنڌ سرڪار يونيورسٽين ۾ ڪانٽرڪيٽ تي مقررين بابت مخالف ڌر جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو.
جاري ڪيل بيان ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جا الزام زميني حقيقتن جي ابتڙ آهن.
هن چيو ته ٻئي پارٽيون پنهنجي پنهنجي ايجنڊا لاءِ معاملي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪن پيون.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪانٽريڪٽ تي مقرريون ڪابه مداخلت ناهي، ان جو مقصد طريقيڪار تي عمل ڪرائڻ آهي.- Advertisement -
