تازه ترين

سنڌ حڪومت ڪراچي انٽر بورڊ جي چيئرمين امير حسين قادري سميت ڇهن بورڊن جي چيئرمينن کي هٽائڻ جو فيصلو

- Advertisement -
سنڌ حڪومت ڪراچي انٽر بورڊ جي چيئرمين امير حسين قادري سميت ڇهن بورڊن جي چيئرمينن کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ تعليمي بورڊن جي چيئرمينن، سيڪريٽرين ۽ ٻين آفيسرن جي مقرري تي غور ٿيو. اجلاس دوران ڇهن ئي بورڊن جي چيئرمينن کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٻئي پاسي سکر تعليمي بورڊ جي چيئرمين رفيق احمد پلهه کي عهدي تان هٽايو ويو. سکر تعليمي بورڊ جي اضافي چيئرمين اروڙ يونيورسٽي جي وي سي کي ڏني وئي. سکر بورڊ ۾ 5 رٽائرڊ ڪامورن کي ٻيهر عهدن تي مقرر ڪرڻ ۽  هڪ کان 17هين گريڊ تائين جي ملازمن کي ڏهاڙي تي نوڪريون ڏيڻ واري معاملي جي جاچ جو به حڪم ڏنو يوو. سيڪريٽري بورڊ اينڊ يونيورسٽي معاملي جي جاچ ڪري 15 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. جاچ ڪميٽي غيرقانوني ڀرتين ۽ رٽائرڊ ڪامورن کي ٻيهر مقرر ڪرڻ واري معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
62 %
1.6kmh
7 %
ڇنڇر
23 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون