سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ جو سلسلو جاري

- Advertisement -
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ جو سلسلو چوٿين ڏينهن به جاري آهي. پ پ اڳواڻن سيد بچل شاهه ۽ سيد فضل شاهه جا اين اي203 خيرپور تي نامزدگي ڪاغذ بحال ٿي ويا آهن. پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ناصر شاهه جا پي ايس 25 ۽ نادر مگسي جا پي ايس 14 تي نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. پي ايس 13 تي پ پ اڳواڻن عادل الطاف انڙ ۽ عدنان الطاف انڙ جا فارم منظور ٿي ويا. جي ڊي اي اڳواڻ معظم عباسي جا پي ايس 11 لاڙڪاڻي تان نامزدگي فارم بحال ٿي ويا آهن. رٽرننگ آفيسر ارسلان چوڌري، معظم عباسي جا فارم بحال ڪري ڇڏيا. ف ليگ اميدوار ڪاشف نظاماڻي جا پي ايس 40 سانگهڙ تي نامزدگي ڪاغذ بحال ٿي ويا آهن. نصير آباد  ۾ پ پ اڳواڻ رياض الدين ابڙو ۽ لالا غلام محمد اسراڻ جا پي ايس 17 تي نامزدگي فارم منظور ٿي ويا آهن. فيض گنج ۾ پ پ ڪارڪن حبيب بالادي جا آزاد اميدوار طور نامزدگي فارم بحال ٿي ويا آهن. ڪنري ۾ جي ڊي اي اميدوار ڊاڪٽر دوست محمد ميمڻ، محمد ڄام ميمڻ، غلام محمد مهر، عابد شاهه ۽ عبدالحق ميمڻ جا پي ايس 17 تي فارم بحال ڪيا ويا آهن. تلهار ۾ جي ڊي اي اڳواڻ مير شاهد احمد ٽالپر، مير عبدالله ٽالپر، مير حسين ٽالپر ۽ جماعت اسلام جي اميدوار اڪبر جوڻيجو، مولوي گل حسن جاپي ايس 69 تي نامزدگي ڪاغذ بحال ٿي ويا آهن. عورتن جي مخصوص سيٽن تي پ پ اميدوار شاهده رحماني ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي نگهت شڪيل جا نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا آهن. پ پ اميدوار معاذ فيروز، شيخ انس ۽ عمر فيروز جا  اين اي 247 ڪراچي تي نامزدگي فارم بحال ڪيا ويا آهن. پي ٽي آءِ اميدوار بئريسٽر فياض سمون جا اين اي 247 تي   نامزدگي ڪاغذ بحال ڪيا ويا آهن. پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ اميدوار بلال حيدر، ايم ڪيو ايم اڳواڻ عادل صديقي، تحريڪ انصاف جي اميدوار ايڊووڪيٽ محمد ناصر يوسف جا ڪاغذ به بحال ڪيا ويا آهن. ن ليگ اميدوار منظر علي خان ڪماريو جو نامزدگي فارم رد ڪيو ويو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
15%
1.2m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون