- Advertisement -
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي.
عيد جي ڏهاڙي جي شروعات عيد نمازن جي اجتماعن سان ٿي ۽ ملڪي سلامتي، امن ۽ خوشحاليءَ جون دعائون گهريون ويون.
سڄي ملڪ جي هر ننڍي وڏي شهر جي مسجدن، امام بارگاهن ۽ عيد گاهن ۾ عيد نماز جا ننڍا وڏا اجتماع ٿيا.
عيد جي خطبن ۾ عالمن طرفان ملڪ سلامتي، ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ دعائون گهريون ويون، جڏهن ته فلسطينين سان به ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو ويو.
عيد نماز کانپوءِ مسلمانن هڪٻئي کي عيد جون واڌايون ڏنيون.
عيد جي موقعي تي مسجدن، امام بارگاهن ۽ عيد گاهن جي سڪيورٽي سخت ڪئي وئي.
عيد ڏهاڙي ۾ ننڍا، وڏا، پوڙها توڙي پڪا ۽ عورتون نوان ويس پهري هڪٻئي کي عيد جون واڌايون ڏيڻ ۽ قبرستانن ۾ پنهنجن پيارن جي قبرن تي حاضري ڀرڻ ۾ مشغول آهن، جڏهن ته گهرن ۾ مزيدار طعام پڻ تيار ڪيا پيا وڃن…….- Advertisement -
