سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 9 مئي سانحي خلاف احتجاجي مظاهرا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 9 مئي سانحي خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري تقريبون ڪوٺايون پيون وڃن. ڪراچيءَ ۾ 9 مئي سانحي خلاف ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول اينڊ ڪاليج ايجوڪيشن، روز ايجوڪيشنل سوسائٽي پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. لاڙڪاڻي ۾ مختلف سماجي تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ ڊي اي او پرائمري پاران  9 مئي سانحي خلاف ۽ پاڪ فوج سان ٻڌي جي اظهار طور انيس الرحمان، ارشاد علي ڪمالاڻي، سيد گدا حسين شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي. ميرپورخاص ۾ 9 مئي واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري،  پاڪ فوج ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ نديم کهاوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي. خيرپور ۾ پاڪستان واپڊا ۽ هائڊرو يونين پاران  9 مئي سانحي خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ لالا نزاڪت پٺاڻ، سليم ڦلپوٽي، فراز حسين ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سيپڪو آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ٺٽي ۾ پرائمري اسڪول پير محمد بروهي ۽ ٻين اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن سميت مختلف سياسي سماجي ڌرين پاران ريليون ڪيون ويون. سجاول ۾ 9 مئي جي واقعن خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ مختلف ڌرين پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون. ڪشمور ۾ قومي امن ڪميٽي پاران 9 مئي سانحي خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ميان عبدالحسين قادري، امان الله چنا، ٽيپو خان رند ۽ ٻين نادرا چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. قمبر ۾ پاڪستان زنده باد موومينٽ ۽ شيعا علماءَ ڪائونسل پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ نورالدين قريشي، خالد معرفاڻي، منٺار گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ جناح باغ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج زنده باد جا نعرا هنيا ويا. شهدادڪوٽ ۾ 9 مئي سانحي خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ مختيارڪار عنايت الله جمالي، اشفاق ڪنبوهه، غلام مرتضيٰ وڌو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس کان ريلي ڪڍي وئي. مٺي ۾ 9 مئي واقعن خلاف اسپيشل ايجوڪيشن جي شاگردن ۽ استادن پاران عبدالرحمان بجير جي اڳواڻيءَ ۾ ڪشمير چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اوٻاوڙي ۾ 9 مئي واقعن خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ گورنمنٽ بوائر هاءِ  اسڪول ۽ پرائمري اسڪول مدينه العلوم سميت سرڪاري  توڙي خانگي اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍي پاڪ فوج زنده جا نعرا هنيا ويا. ڏوڪري ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر فرزانه ميراڻي، تعلقي ايجوڪيشن آفيس ارشاد احمد ٻگهيو، اسسٽنٽ مختيارڪار قاضي بشير ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ اسڪولي ٻارن توڙي استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٽنڊگي باگي ۾   9 مئي سانحي خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ٽي اي او سيڪنڊري فيض اڍيجو، شفيعمحمد قمبراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پرائمري اسڪول جي مک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ساماري ۾ 9 مئي سانحي خلاف پ ٽ الف ڊويزل جنرل سيڪريٽري عبدالقيوم آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعرا هنيا ويا. ڪنري ۾  9 مئي سانحي خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ گورنمينٽ فضل عمر هاءِ اسڪول ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ استادن ۽ شاگردن هٿن ۾ قومي جهنڊا توڙي پينافليڪس کڻي پاڪ فوج زنده باد جا نعرا هڻي ٺهراءَ منظور ڪيو. وارهه ۾  9 مئي سانحي خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر سرمد مهر، عبدالحفيظ ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مختيارڪار آفيس کان فاضل راهو چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي. رتيديري ۾ 9 مئي جي واقعن خلاف گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جي پرنسپال شمس الدين ساريو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. روهڙي ۾ 9 مئي جي واقعن خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ هاءِ اسڪول کان تعلقي اسپتال تائين ريلي ڪڍي وئي. ٽنڊي غلام حيدر ۾ 9 مئي جي واقعن خلاف بوائز پرائمري اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پاران اسڪول کان ڪالوني اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي وئي. دولتپور صفن ۾ قومي امن ڪميٽي پاران 9 مئي واقعن خلاف پير علي شاهه راشدي، رسول بخش رند ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شاهي بازار کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعرا هنيا ويا. ماتلي ۾ 9 مئي جي واقعن خلاف ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين حاجي رضوان احمد قائمخاني جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي. محراب پور ۾ 9 مئي جي واقعن خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ مختلف سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن پاران احتجاجي رلي ڪڍي وئي. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته تاريخ 9 مئي سانحي کي ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي، گذريل سال رٿابندي تحت شهيدن جي يادگار، قائداعظم جي گهر، سرڪاري ملڪيتن ۽ ٻين هنڌن کي نقصان پهچايو ويو. هنن چيو ته پاڪ فوج هميشه قربانيون ڏئي ملڪ کي مضبوط ڪيو آهي، عوام پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث ڪردارن کي عبرت جو نشانو بڻايو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
24%
3.6m/s
0%
آچر
22 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
28 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون