تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ گورنمينٽ ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ٻڌڻي

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ گورنمينٽ ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي تي پوليس جي مدد سان قبضي خلاف درخواست تي سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن، ڊپٽي ڪمشنر اوڀر ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي 15 آگسٽ تي رڪارڊ سميت طلب ڪندي عدالت جي ناظر کي ڪمشنر مقرر ڪري سوسائٽي جي جاچ ڪري ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو . سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ گورنمينٽ ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي تي پوليس جي مدد سان قبضي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. سنڌ هائيڪورٽ توهين عدالت جي درخواست تي سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن، ڊپٽي ڪمشنر اوڀر ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي 15 آگسٽ تي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو. عدالت، سنڌ هائيڪورٽ جي ناظر کي ڪمشنر مقرر ڪندي سوسائٽي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ناظر کي سوسائٽي جو معائنو ڪري ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي ته ان حوالي سان به عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي. عدالت ايس ايس ايس اوڀر کي انسپيڪشن دوران ناظر هائيڪورٽ کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت ۾ درخواست ڏيندڙ چيو ته خانگي سوسائٽي جا مالڪ پوليس ۽ مقامي انتظاميا جي مدد سان سندن پلاٽن تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا، گذريل ڏينهن پوليس جي مدد سان گهرن کي ٽوڙيو ويو آهي، عدالتي حڪمن تي عمل نه پيو ڪيو وڃي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
55 %
0.3kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون