تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا 12 سيپٽمبر تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا 12 سيپٽمبر تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي .

گرفتاري جي ڊپ کان اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي .

عدالت ۾ درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪندي چيو ته نيب پاران 26 آگسٽ تي اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار جي گھر تي ڇاپو ھنيو.

جسٽس ڪي ڪي آغا وڪيل کان وڇاڻو ڪيو ته مڪيش ڪمار جو نالو ڪھڙي انڪوائري ۾ شامل آھي؟

مڪيش ڪمار جي وڪيل منير اي ملڪ چيو ته في الحال نيب مڪيش ڪمار چاولا کي نوٽيس جاري ناھي ڪيو، ايڪسائيز کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ پرائيويٽ سيڪريٽري کي نوٽيسز جاري ڪري ان ۾ مڪيش ڪمار جو نالو شامل ڪيو آھي.

وڪيل چيو ته خدشو آهي ته نيب پاران مڪيش ڪمار چاولا کي گرفتار ڪيو ويندو، مڪيش ڪمار چاولا گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

عدالت نيب کي گرفتاري روڪيندي اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار جي 12 سيپٽمبر تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪئي.

عدالت مڪيش ڪمار چاولا کي نيب جي انڪوائري ۾ مڪمل سهڪار ڪرڻ کي ھدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت نيب اختيارين کي ايندڙ ٻڌڻي تي مڪيش ڪمار چاولا خلاف ھلندڙ انڪوائري جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا نيب انڪوائري واري معاملي تي صحافين کي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
35 %
2.1kmh
100 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون