تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد  ڪارونجھر جي ڪٽائي روڪڻ ۽ ليز  بابت اسٽي برقرار

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد  ڪارونجھر جي ڪٽائي روڪڻ ۽ ليز  بابت اسٽي   30 آگسٽ تائين برقرار رکي ڇڏيو.

وڪيل شنڪر ميگھواڙ جي درخواست تي جسٽس شفيع صديقي ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي ٻڌل ڊويزنل بئنچ ٻڌڻي ڪئي.

ثقافت، منرل اينڊ مائنز ۽ وائلڊ لائف کاتي جي عملدارن عدالت ۾  جواب جمع ڪرايو.

عدالت لاڳاپيل عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته ڪارونجھر ايڏو خوبصورت جبل آھي، ان جي ڪٽائي لاءِ اوھان نوٽيفڪيشن ڇو ڪڍيو آھي؟

سرڪاري وڪيل جواب ۾ چيو ته نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو آهي.

عدالت چيو ته مستقل طور تي ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ٿئي ۽ ھيريٽيج ۾ ڊڪليئر ٿيڻ گھرجي.

ثقافت کاتي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ننگرپارڪر جون 9 سائيڊون ھيريٽيج طور ڊڪليئر ڪري چڪا آھين.

عدالت ڪارونجھر جي ڪٽائي بابت جاري ڪيل اسٽي برقرار رکندي ٻڌڻي 30 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
41 %
2.5kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون