سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ يونيورسٽي جي استاد جي درخواست تي وي سي، ڊائريڪٽر فنانس، سوٽا جي صدر، سيڪريٽري ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ يونيورسٽي جي استاد جي درخواست تي وي سي، ڊائريڪٽر فنانس، سوٽا جي صدر، سيڪريٽري ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي چئن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس ارشد حسين ۽ جسٽس ثنا منهاس اڪرم تي مشتمل ڊويزنل بينچ مسعود عباس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سوٽا طرفان يونيورسٽي جي پنج سئو کان وڌيڪ استادن جي فيس جي نالي تي 300 روپيا ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، 8 سال کان آڊٽ نه پئي ٿئي. هن چيو ته اپريل مهيني ۾ 38 استادن صحيحيون ڪري سوٽا عهديدارن، يونيورسٽي جي وي سي، ڊائريڪٽر فنانس ڏانهن درخواست اماڻي پر ڪا موٽ نه ملي، ان ڪري هو عدالت پهتا آهن. عدالت سوال ڪيو ته سوٽا ڇا آهي؟ درخواستگذار عدالت کي ٻڌايو ته سوٽا يونيورسٽي جي استادن جي هڪ تنظيم آهي. جسٽس ارشد حسين خان سوال ڪيو ته توهان کي ڇا جو اعتراض آهي؟ ۽ سوٽا کان ڪهڙي شڪايت آهي. درخواستگذار عدالت کي ٻڌايو ته پنج سئو استادن جا پئسا پگهار مان سوٽا جي فيس جي نالي ڪٽيا پيا وڃن. عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ لاڳاپيل ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
16%
0.9m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون