- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوورو ۾ ڪرپشن بابت ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوري ۾ ڪرپشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي بعد جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني ڊويزن بينچ لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درسي ڪتاب صوبي جي ڪجهه ضلعن جي سرڪاري اسڪولن جي شاگردن کي ڏنا ويا آهن.
لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ عدالت جو چوڻ آهي ته ڪتاب گودامن ۾ رکڻ لاءِ نه آهن، بنا دير ٻارن تائين پهچايا وڃن، ضلعي سيشن جج ڏسن ته ڪتاب ٻارن تائين ڇونه پهتا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ايڊاڪ ۽ ڊيپوٽيشن تي تعليم کاتي ۾ ڪم ڪندڙ تعليم کاتي جي صوبائي وزير جي پرائيويٽ سيڪريٽري عبدالحليم سومرو کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت تعليم کاتي ۾ ايڊاڪ ۽ ڊيپوٽيشن تي ڪم ڪندڙ 19 هين گريڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽري گلزار، ڊپٽي ڊائريڪٽر عاشق حسين، پي ڊي رضوان سومري کي به هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کي 10 ڏينهن اندر تعليم کاتي ۾ ايڊاڪ ۽ ڊيپوٽيشن تي ڪم ڪندڙن کي واپس پنهنجي کاتي ۾ موڪلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.- Advertisement -
