تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ ناظم جوکيو ڪيس مک جوابدار ڄام اويس کي نااهل ڪرڻ بابت دليل طلب ڪري ورتا

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ  ناظم جوکيو ڪيس مک جوابدار ڄام اويس کي نااهل ڪرڻ بابت ايندڙ ٻڌڻي تي درخواست تي حتمي دليل طلب ڪري ورتا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ناظم جوکيو ڪيس ۾ مک جوابدار ڄام اويس کي نااهل ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي. اليڪشن ڪميشن ڄام اويس خلاف درخواست تي لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته ڄام اويس گذريل اسيمبلي ميمبر هو، جنهن جو مدو پورو ٿي ويو آهي، عدالت جيڪو به حڪم نامون جاري ڪندي ان تي عملدرآمد ڪيو ويندو. هوڏانهن صوبائي حڪومت جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي درخواست تي حتمي دليل طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
50 %
3.3kmh
20 %
اربع
22 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون