سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نينگر عمار جتوئي قتل ڪيس جي جوابدارن پاران سزا خلاف داخل ڪرايل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.
عدالت نينگر ڪيس ۾ جوابدارن جي موت ۽ عمر قيد جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي.
عدالت جو چوڻ هو ته جوابدار جيڪڏهن ڪنهن ٻي ڪيس ۾ گهربل نه آهن ته کين آزاد ڪيو وڃي.
ڪراچي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت نينگر عمار جتوئي جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ جوابدار عبدالغفار بروهي ۽ عبدالله مگسي کي موت ۽ زاهد گبول ۽ علي مگسي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي.
واضح رهي ته 2012ع ۾ جوابدارن لاڙڪاڻي جي وليد پاڙي مان چئن سالن جي عمار جتوئي کي اغوا ڪيو هو.


