سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارونجهر کي قومي ورثو قرار ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي آخري موقعو فراهم ڪندي 7 ڏينهن اندر ڪارونجهر جبل کي هيريٽيج قرار ڏئي نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارونجهر کي قومي ورثو قرار ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي آخري موقعو فراهم ڪندي 7 ڏينهن اندر ڪارونجهر جبل کي هيريٽيج قرار ڏئي نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ريمارڪس ڏيندي نوٽيفڪيش پيش نه ڪرڻ جي صورت ۾ سمورن لاڳاپيل عملدارن تي توهين عدالت جي ڪاروائي ڪئي ويندي. ڪارونجھر جي حصي کارسر کي معدنيات جو جواز ڄاڻائي ڪٽڻ کان روڪڻ بابت داخل ڪيل آئيني پٽيشن تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ۾ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ ۽ جسٽس امجد علي ٻوھيو تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ۾ ٻڌڻيءَ ڪئي. ٻڌڻي دوران ثقافت کاتي جو سيڪريٽري خير محمد ڪلوڙ ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر پيش ٿيا. ان موقعي تي عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇا ڪئي ته گذريل ٻڌڻي تي اوهان کي ڪارونجهر جبل کي هيريٽيج قرار ڏيڻ جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪري جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو هو اهو نوٽيفيڪيشن ڪٿي آهي؟ سرڪاري وڪيل جواب ڏنو ته اهو مسئلو اسانجي ٽيڪنيڪل ڪميٽي کي اماڻيو ويو آهي جنهن لاءِ ٿورو وقت گهرجي ٿو. وڪيل جي جواب تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان ڪنهن به ڪميٽي کي نٿا مڃيون، سنڌ حڪومت وٽ ڪارونجهر جبل کي هيريٽيج قرار ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن ناهي نه ئي اسان حڪومت جي ڪنهن فيصلي کي مڃون ٿا، هڪ ڪلاڪ اندر ڪارونجهر جبل کي هيريٽيج قرار ڏئي نوٽيفڪيشن پيش ڪيو وڃي. سرڪاري وڪيل عدالت کان نوٽيفيڪيشن لاءِ هڪ هفتي جو وقت ڏيڻ جي درخواست ڪئي. عدالت حڪم ڏيندي چيو ته هڪ هفتي اندر ڪارونجهر جبل کي هيريٽيج قرار ڏئي نوٽيفيڪيشن جاري ڪري جمع ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سمورن لاڳاپيل عملدارن تي توهين عدالت جي ڪاروائي ڪئي ويندي. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 9 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
22.3 ° C
22.3 °
22.3 °
18%
2.4m/s
0%
آچر
22 °
سُومر
22 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
22 °

تازه ترين خبرون