- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي طرفان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت رپورٽن تي پوليس اهلڪارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جي آءِ ٽي سربراهه کي ذاتي حثيت ۾ طلب ڪري ورتو .
جسٽس نعمت ڦلپوٽو چيو ته 13 سالن کان ڏسندا رهيا آهن ته جي آءِ ٽي اجلاس ۾ چانھه پيئڻ کانپوءِ سڀ هليا ويندا آهن.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته 70 سالن جي بزرگ کي سالن کان دٻايو پيو وڃي، ماڻهو توهان کي بددعا ڏيندا.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن پوليس ايمانداري سان ڪم ڪري ها ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل ٿي وڃي ها.
هن چيو ته ڪيترن ئي سالن ۾ جي آءِ ٽي اجلاس ۾ اهو طئي نه ٿي سگهيو آهي ته شهري کي ڪنهن گم ڪيو آهي.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ڊي ايس بي پوليس اسٽيشن پاڪستان بازار کي ڇنڊ پَٽيندي چيو ته ناقص ڪارڪردگي تي کيس سينٽرل جيل موڪليو ويندو.
عدالت جي آءِ ٽي سربراهه کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حثيت ۾ طلب ڪري ورتو.
عدالت گم ٿيل شهرين سيد عارف، سيد عباس شاھ ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت وفاقي حڪومت جي ماتحت ادارن، صوبائي گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ٻين واسطيدار ادارن کان چئن هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي.- Advertisement -
