تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي طرفان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت رپورٽن تي پوليس اهلڪارن تي ڪاوڙ جو اظهار

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي طرفان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت رپورٽن تي پوليس اهلڪارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جي آءِ ٽي سربراهه کي ذاتي حثيت ۾ طلب ڪري ورتو . جسٽس نعمت ڦلپوٽو چيو ته 13 سالن کان ڏسندا رهيا آهن ته جي آءِ ٽي اجلاس ۾ چانھه پيئڻ کانپوءِ سڀ هليا ويندا آهن. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته 70 سالن جي بزرگ کي سالن کان دٻايو پيو وڃي، ماڻهو توهان کي بددعا ڏيندا. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن پوليس ايمانداري سان ڪم ڪري ها ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل ٿي وڃي ها. هن چيو ته ڪيترن ئي سالن ۾ جي آءِ ٽي اجلاس ۾ اهو طئي نه ٿي سگهيو آهي ته شهري کي ڪنهن گم ڪيو آهي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ڊي ايس بي پوليس اسٽيشن پاڪستان بازار کي ڇنڊ پَٽيندي چيو ته ناقص ڪارڪردگي تي کيس سينٽرل جيل موڪليو ويندو. عدالت جي آءِ ٽي سربراهه کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حثيت ۾ طلب ڪري ورتو. عدالت گم ٿيل شهرين سيد عارف، سيد عباس شاھ ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت وفاقي حڪومت جي ماتحت ادارن، صوبائي گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ٻين واسطيدار ادارن کان چئن هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.2 ° C
22.2 °
22.2 °
24 %
2.7kmh
0 %
اربع
22 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون