سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهري کي بازياب نه ڪرائڻ تي صوبائي ٽاسڪ فورس ۽ جي آءِ ٽي سربراهه کي طلب ڪري ورتو

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهري کي بازياب نه ڪرائڻ تي صوبائي ٽاسڪ فورس ۽ جي آءِ ٽي سربراهه کي طلب ڪري ورتو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾لياري مان گم ٿيل شهري جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت 8 سالن کان گم ٿيل شهري جي ڳولا نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيل شهرين جي ڳولا لاءِ 46 جي آءِ ٽيز ۽ 15 صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿي چڪا آهن. جاچ آفيسر چيو ته شهري عبدالرحمان جي جبري گمشدگي ثابت ٿي چڪي آهي. بچاءِ واري وزارت جي نمائندي لکت ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندي عدالت کي ٻڌايو ته عبدالرحمان ڪنهن به وفاقي اداري جي تحويل ۾ نه آهي. سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جي ماتحت ڪنهن به اداري عبدالرحمان کي گرفتار ناهي ڪيو. شهري جي امڙ چيو ته عبدالرحمان کي رات جو گهر مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي. رينجرز پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ٻه ڀيرا لکت ۾ جواب جمع ڪرائي چڪا آهيون ته رينجرز پاران عبدالرحمان کي حراست ۾ نه ورتو ويو آهي. عدالت 27 فيبروري تائين لاڳاپيل ڌرين کان رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
45%
1.6m/s
0%
ڇنڇر
22 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون