- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ چائلڊ ميريج ايڪٽ خلاف داخل درخواست تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان ٽن هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ چائلڊ ميريج ايڪٽ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران درخواستگذار چيو ته چائلڊ ميريج ايڪٽ جي ضابطن موجب جوابدار کي پناهه گاهن ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪري سان مبينا مڙس ۽ سهري کي ملاقات ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي.
سندس چوڻ هو ته جوابدار قدير جي شيلٽر هوم ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪري جويريا سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي وئي، متاثر ڇوڪري پراسيڪيوشن جي اهم شاهه آهي.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جوابدار قدير خلاف ننڍي عمر جي ڇوڪري جويريا کي اغُوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيل آهي.
عدالت چائلڊ ميريج ايڪٽ خلاف داخل درخواست تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان ٽن هفتن اندر جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي- Advertisement -
