- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي وطن واپسي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ڌرين پاران جواب جمع نه ڪرائڻ تي عدالت ٻڌڻي 27 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي انساني حقن جو معاملو آهي، عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو وڃي.
درخواستگذار جي وڪيل عثمان فاروق موقف اختيار ڪيو ته شام ۾ حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن، ڦاٿل خاندانن سان رابطو ختم ٿي چڪو آهي.
درخواستگذار محي الدين خان چيو ته سندس سندس پٽ جي گهرواري ۽ ان جا 2 ٻار شام ۾ ڦاٿل آهن، خانه جنگي بعد پٽ گم آهي، سندس گهرواري ۽ ٻارڙا پناهگيرن جي ڪيمپ ۾ آهن.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته شام ۾ پاڪستاني سفارتخانو سندن ڪا به مدد نه پيو ڪري، حڪومت کي شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي واپسي لاءِ انتظام ڪرڻ گهرجن.- Advertisement -
