تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف عالمي بينڪ طرفان ڏهه سالن واري ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت 20 ارب ڊالر ڏيڻ واري واعدي جي آجيان ڪئي

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف عالمي بينڪ طرفان ڏهه سالن واري ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت 20 ارب ڊالر ڏيڻ واري واعدي جي آجيان ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته هو عالمي بينڪ جي پاڪستان لاءِ پنهنجي ڏهه سالن واري ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت 20 ارب ڊالر جي واعدي جي آجيان ڪن ٿا، ٻارن جي خوراڪ، معياري تعليم، ڪلين انرجي ۽ ماحوليات سميت ڇهه اهم شعبن تي ڌيان آهي، سي ايف پي سندن قومي ترجيحن کي ظاهر ڪري ٿو. سماجي رابطن واري سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو عالمي بينڪ جي پاڪستان لاءِ پنهنجي ڏهه سالن واري ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت 20 ارب ڊالر جي واعدي جي آجيان ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته ٻارن جي خوراڪ، معياري تعليم، ڪلين انرجي ۽ ماحوليات سميت ڇهه اهم شعبن تي ڌيان آهي، سي ايف پي سندن قومي ترجيحن کي ظاهر ڪري ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو آرمي چيف جنرل عاسم منير ۽ پنهنجي ساٿين جي ڪوششن جي دل سان تعريف ڪري ٿو، جن اهڙي طرح جي ڀائيواري لاءِ پاڪستان جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، ماڻهن لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششن کي هموار ڪري پارٽنر شپ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا منتظر آهن……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
50 %
1.7kmh
9 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون