سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستاني ڪمپني جو ڪمرشل سامان ڀارتي بندرگاهه تي ضبط ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستاني ڪمپني جو ڪمرشل سامان ڀارتي بندرگاهه تي ضبط ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ سامان جي مالڪ پاران هرجاڻي جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. درخواستگذار، وڪيل ايڊووڪيٽ عثمان فاروق معرفت داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته چين مان درآمد ڪيل ڪمرشل سامان ڪوسموس انجيئرنگ شپنگ ڪمپني ۽ فريٽ سروس ڪمپني جي نااهلي سبب ممبئي بندرگاهه تي ڀارتي اختيارين ضبط ڪيو. درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته ڀارتي اختيارين الزام لڳايو ته سامان نيوڪليئر ۽ ميزائل پروگرام ۾ استعمال ٿيندو، تنهن ڪري ضبط ڪيو ويو. درخواست ۾ لکيو ويو ته پاڪستان جي پرڏيهي وزارت وضاحت ڪئي ته سامان صرف ڪمرشل استعمال لاءِ آهي، درآمد ڪيل مشينري رڳو ڪاروباري مقصدن لاءِ آهي. درخواستگذار لکيو ته شپنگ ڪمپني ڀارتي اختيارين سان ملي ڀڳت ڪري سامان ضبط ڪرايو، ڪمپني کان 20 ڪروڙ 91 لک رپين کان وڌيڪ هرجانو ڏياريو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
42%
2.4m/s
0%
آچر
23 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون