تازه ترين

سنڌ حڪومت پيٽروليم ڪمپنين ۾ سنڌ کي نمائندگي ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ سرڪار وفاق جي پيٽروليم ڪمپنين ۾ نمائندگي ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته پيٽروليم واري وزارت وفاقي تيل جي ڪمپنين مان پنهنجي نمائندگي ٻن مان گهٽ ڪري هڪ ڪري ۽ ان جي جاءِ تي سنڌ کي نمائندو رکي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ انرجي هولڊنگ ڪمپني جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ توانائي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، توانائي واري سيڪريٽري مصدق خان ۽ چيف آپريٽنگ آفيسر ايس ايڇ اِي سي طفيل کوسو شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته سنڌ انرجي هولڊنگ ڪمپني لميٽيڊ توانائي کاتي جي ذيلي ڪميٽي آهي، سنڌ انرجي هولڊنگ ڪمپني گمبٽ ٽو، مرادي بلاڪ، مٺياڻي، ايس ڊبليو مياڻو 3، ساون سائوٿ، کيواڙي ايسٽ، سيوهڻ ۽ سجاول سائوٿ بلاڪس ۾ ڀائيوار آهي. بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته ڪمپني مختصر مدي واري قدمن تحت 8 بلاڪن ۾ 2 ڏهائي پنج سيڪڙو ورڪنگ انٽرسٽ سان ڀائيواري ڪئي آهي، 3 کوهه پيداوار ڏئي رهيا آهن جن مان 26-2025ع ۾ 11 ڪروڙ 30 لک رپيا آمدني جي اميد آهي. اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته شاهبندر ۾ گيس ۽ تيل جا نوان ذخيرا دريافت ٿيا آهن، جلد پيداوار شروع ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. سنڌ جي وڏي وزير ورڪنگ انٽرسٽ 2 ڏهائي پنج مان وڌائي 10 کان 15 سيڪڙو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سيد مراد علي شاهه ڪمپني کي نئون ايڪسپلوريشن بلاڪ سي سي آءِ جي فيصلي جي روشني ۾ حاصل ڪرڻ جي هدايت به ڪئي آهي. اجلاس ۾ سنڌ جي هائڊرو ڪاربن ذخيرن بابت به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وڏي وزير مستقبل جي حڪمت عملي تحت هائي رسڪ ۽ وڌيڪ لاڳت واري فرنٽيئر ايڪسپلوريشن ۾ مڪمل ڀائيواري کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت تيل ۽ گئس جي دريافت ۽ پيداواري ڪمپنين طرفان خانگي ڌرين کي 35 سيڪڙو وڪري جي فريم ورڪ ۾ سنڌ جي راءِ کي شامل ڪري. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سندن اهم مطالبو اهو آهي ته سنڌ جي رضامندي کانسواءِ ڪو به وڪرو نه ڪيو ويندو، تيل ۽ گئس جي پيداوار جي تازا انگ اکر وفاق سنڌ کي فراهم ڪري. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه توانائي کاتي کي هدايت ڪندي چيو ته ونڊ فال ليوي جي ادائگي لاءِ پيٽروليم واري وزارت خلاف ڪيس جي پيروي عدالت ۾ هاڪاري انداز ۾ ڪري، سنڌ گيس پيداوار ۾ اهم اسٽيڪ هولڊر آهي. هن چيو ته هو وفاق جي پيٽروليم ڪمپنين ۾ سنڌ حڪومت جي نمائندگي چاهن ٿا، پيٽروليم واري وزارت وفاقي تيل ڪمپنين مان پنهنجي نمائندگي 2 مان گهٽائي هڪ ڪري سنڌ مان نمائندو مقرر ڪري. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاقي تيل ڪمپنين ۾ او جي ڊي سي ايل، پي پي ايل، ايس ايس جي سي ايل، پي ايس او، جي ايڇ پي ايل ۽ ايم پي سي ايل شامل آهن. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل (ٿري) 172 تحت پيٽروليم ڪنسيشن ايگريمينٽ کي پيٽروليم واري وزارت ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل صحي سان منظور ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ موجود گئس فيلڊ مان پيدا ٿيندڙ گئس جي صوبي کي فراهمي مان ڪٽوتي ٿي آهي، ان جا انگ اکر بروقت شيئر ڪيا وڃن، مقامي گيس سستي آهي، ان لاءِ فراهمي مان ڪٽوتي ڪري صوبي جي عوام کي محروم نه ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون