تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد بشير قريشي کي مبينا طور زهر ڏئي مارڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي 10 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد بشير قريشي کي مبينا طور زهر ڏئي مارڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي 10 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ جسقم چيئرمين بشير قريشي جي ڀاءُ مقصود قريشي پاران داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جسقم چيئرمين صنعان قريشي، وڪيل يوسف لغاري ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. وڪيل يوسف لغاري موقف اختيار ڪيو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ بشير خان قريشي جي جسم مان فاسفورس جا جزا مليا آهن، ثابت ٿي ويو ته بشير قريشي کي زهر ڏئي قتل ڪيو ويو آهي. وڪيل چيو ته بشير قريشي جي قتل جي ايف آءِ آر اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ ۽ ٻين تي داخل ڪئي وڃي. وڪيل يوسف لغاري عدالت کي اپيل ڪندي چيو ته ڪيس جو فريادي به شهيد ٿي ويو آهي، عدالت اجازت ڏئي ته ڪيس ۾ خاندان جو ٻيو فرد فريادي ٿئي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
39 %
3.7kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون