تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر، خيرپور مان اغوا ٿيل ناري جي ڪيس ۾ پوليس جي ڏهن ڏينهن جي مهلت واري درخواست رد

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر، خيرپور مان اغوا ٿيل ناري جي ڪيس ۾ پوليس جي ڏهن ڏينهن جي مهلت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته آءِ جي سنڌ ۽ گهرو سيڪريٽري ڪٿي آهن، ڇو نه آءِ جي ۽ گهرو سيڪريٽري جا وارنٽ جاري ڪري ڊي جي رينجرز کي ٻنهي جي گرفتاري جو حڪم ڏنو وڃي، ست مهينا گذرڻ باوجود زرينا ناريجو کي بازياب نه ڪرايو ويو آهي. سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ جسٽس ذوالفقار علي سانگي خيرپور مان اغوا ٿيل ناري جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل آءِ جي، ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد کوسو، ايس ايس پي خيرپور سميع الله سومرو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت پڇاڻو ڪيو ته آءِ جي سنڌ ۽ گهرو سيڪريٽري ڪٿي آهن؟. عدالت آءِ جي سنڌ ۽ گهرو سيڪريٽري جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ايڊيشنل آءِ جي سنڌ عدالت کي آگاهي ڏني ته هو پيش ٿيو آهي. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇو نه آءِ جي ۽ گهرو سيڪريٽري جا وارنٽ جاري ڪري ڊي جي رينجرز کي ٻنهي جي گرفتاري جو حڪم ڏنو وڃي. جسٽس ذوالفقار علي سانگي چيو ته ست مهينا گذرڻ باوجود زرينا ناريجو کي بازياب نه ڪرايو ويو آهي. پوليس 10 ڏينهن جي مهلت گهري ورتي. جوابدار ڌر جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته ناري زرينه ناريجو کي قتل ڪري لاش لوڙهيو ويو آهي. عدالت آرڊر ڪورٽ ٽائيم تي روڪي ڇڏيو ۽ پوليس کي مهلت نه ڏني. گذريل ٻڌڻي تي عدالت ۾ ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد کوسو ۽ ايس ايس پي خيرپور سميع الله سومرو پيش ٿي لکت ۾ ناري پيش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي. 7 مهينا اڳ خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان ناري زرينه ڌيءَ الهوڌايو ناريجو مبينا اغوا ٿي وئي هئي. بي سيڪشن ٿاڻي تي ناري جي اغوا جو ڪيس عبدالغفار ناريجو، عبدالقيوم ناريجو ۽ مختيار احمد ناريجو مٿان داخل ڪيو ويو هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ محمد بچل ناريجو ڀائٽي زرينه جي بازيابيءَ لاءِ وڪيل علي اڪبر ناريجو ذريعي درخواست داخل ڪرائي وئي هئي. الزام هيٺ آيل ڌر الزام هنيو آهي ته ناري زرينه کي وارثن قتل ڪري لاش لوڙهي ڇڏيو آهي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
28 %
2.6kmh
7 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون