تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر تي حملي ڪيس ۾ سردار شهريار شر ۽ سندس پٽ جي عبوري ضمانت ۾ 20 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر تي حملي ڪيس ۾ سردار شهريار شر ۽ سندس پٽ جي عبوري ضمانت ۾ 20 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر جي جسٽس محمود اي خان تي ٻڌل سنگل بئنچ ايم پي اي مهتاب ڏهر تي حملي ڪيس ۾ سردار شهريار شر ۽ سندس پٽ جهانگير شر جي ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران سردار شهريار شر ۽ پٽ جهانگير شر عدالت ۾ پيش ٿيا. جهانگير شر طرفان وڪيل احمد علي ڀنگوار وڪالت نامو جمع ڪرايو. وڪيل اسرار شاهه جو چوڻ آهي ته عدالت ڄام مهتاب ڏهر حملي ڪيس ۾ سردار شهريار شر ۽ سندس پٽ جهانگير شر جي عبوري ضمانت ۾ 20 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي گهوٽڪي پوليس جاچ ۾ ڄام مهتاب ڏهر حملي ڪيس ۾ سردار شهريار شر جو نالو خارج ڪيو هو ۽ لاڳاپيل ڪورٽ پوليس جي سمري پڻ منظور ڪئي هئي. ڄام مهتاب ڏهر حملي ڪيس مان سردار شهريار شر جو نالو خارج ڪرڻ واري سمري منظور واري فيصلي کي سنڌ هائيڪورٽ سکر ۾ چئلينج ڪيو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
12 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
34.4 ° C
34.4 °
34.4 °
6 %
1kmh
0 %
اڱارو
36 °
اربع
35 °
خميس
35 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون