سنڌ هائيڪورٽ طرفان معذورن کي مختلف کاتن ۾ ڪوٽا تحت نوڪريون ڏيڻ جو حڪم

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر معذورن کي مختلف کاتن ۾ ڪوٽا تحت نوڪريون ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻن ورهين دوران معذور ڪوٽا تي ڀرتين بابت رپورٽ اڻپوري قرار ڏئي رد ڪري ڇڏي. سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ۾ معذور ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملڻ خلاف داخل درخواستن جي جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل بينچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران مختلف ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت مختلف صوبائي کاتن ۾ معذورن جي خالي پيل جاين جي انگ ۽ ٻن ورهين دوران معذور ڪوٽا تي ڀرتين بابت رپورٽ اڻپوري قرار ڏئي رد ڪري ڇڏي. درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو ته مختلف ضلعن ۾ صوبائي کاتن ۾ ڪوٽا تحت معذورن کي نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن. وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت طرفان معذورن لاءِ سرڪاري کاتن ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪئي وئي آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي دوران ڊپٽي ڪمشنرن کي مختلف صوبائي کاتن ۾ نوڪريون ڏيڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
34%
1.1m/s
20%
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون