تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص سڄي سنڌ ۾ وياج خورن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص سڄي سنڌ ۾ وياج خورن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص نئون ڪوٽ واسي منڌرو پاران وياج وٺڻ بابت داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت وياج وٺڻ جي الزام هيٺ آيل ٻن جوابدارن نريش ۽ رميش جي ضمانت رد ڪري ڇڏي. عدالت گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي حڪم ڏيندي چيو ته وياج جي غيرقانوني ڪم ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون لاءِ سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي ضروري هدايتون جاري ڪري. عدالت آءِ جي سنڌ کي به حڪم ڏنو ته هو سمورن ايس ايس پيز کي هدايتون جاري ڪري ته خانگي طريقي سان لون ڏئي وياج وٺڻ تي پابندي ايڪٽ 2023ع تي سختي سان عمل ڪرائن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
10 %
6.3kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون