سنڌ هائيڪورٽ طرفان ايم اي جناح تي ڦٽاڪن جي فيڪٽري ۽ گودام منتقل ڪرڻ جو حڪم

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ ايم  اي جناح تي ڦٽاڪن جي گودام ۾ ڌماڪي بابت ڪيس ۾ مقتول نوجوان جي امڙ جي گودام منتقل ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي رهائشي علائقي مان ڦٽاڪن جي فيڪٽري ۽ گودام منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر جي جواب جي بنياد تي درخواست اڪلائي ڇڏي. سنڌ هائيڪورٽ ۾ ايم  اي جناح تي ڦٽاڪن جي گودام ۾ ڌماڪي بابت ڪيس ۾ مقتول نوجوان جي امڙ جي گودام منتقل ڪرڻ لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته قانون موجب رهائشي علائقي ۾ ڦٽاڪن جي فيڪٽري يا گودام تعمير نٿو ڪري سگهجي. ڊي سي رپورٽ ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته فيڪٽري مالڪ اين او سي جي ڀڃڪڙي ڪندي وڏي مقدار ۾ بارودي مواد ذخيرو ڪيو،  عدالتي حڪم تي بارودي مواد تباهه ڪيو ويو آهي، ڦٽاڪن جي فيڪٽري لاءِ جاري ڪيل اين او سي رد ڪئي وئي آهي. عدالت رهائشي علائقي مان ڦٽاڪن جي فيڪٽري ۽ گودام منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر جي جواب جي بنياد تي درخواست اڪلائي ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون