- Advertisement -
پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نون کان بلاول ڀٽو زرداري تي سازشن جي الزامن جي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته وزيراعظم شهباز شريف، پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري طرفان پ پ چيئرمين تي سازش جي الزامن جي وضاحت ڪري ۽ ٻڌائي ته بلاول ڀٽو زرداري سندس خلاف ڪهڙي سازش ڪئي؟.
سندس چوڻ هو ته شهباز شريف ته بلاول ڀٽو زرادري جون تعريفون ڪندي ناهي ٿڪبو ته ڪيترو ڪامياب پرڏيهي وزير آهي، ڇا وزيراعظم پنجاب حڪومت کي ڪوڙو قرار ڏيندو يا بلاول جي تعريف ڪندو؟.
محنت واري صوبائي وزير چيو ته پاڪستان جڏهن اڪيلائي جو شڪار هو ته پ پ چيئرمين آئيوليشن مان ڪڍيو هو، بلاول ڀٽو زرداري پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي تي تنقيد نه پر تعريف ڪئي آهي ۽ وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرن جي مدد جي درخواست ڪئي.
سعيد غني چيو ته اهڙي صورتحال پيدا ڪئي پئي وڃي ته پيپلزپارٽي وفاق کي ناراض ٿي وڃي، وفاقي سرڪار کي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ پ پ جي ووٽن جي ضرورت آهي.
هن چيو ته هو اهو نٿا چاهن ته حڪومت مان نڪري وڃڻ کانپوءِ معاشي بحران جي ڪيفيت پيدا ٿي وڃي.
محنت واري صوبائي وزير چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چئي رهي آهي ته منهنجو پاڻي منهنجي مرضي، پاڻي رڳو اوهان جو نه آهي، پاڻي سنڌ جو به آهي، جڏهن ڪئنال ڪڍڻ جي ڳالهه ٿي رهي هئي تڏهن به پنجاب ۾ پاڻي جي کوٽ هئي.
سعيد غني چيو ته هنن ان وقت به پڇا ڪئي هئي ته پنجاب ۾ 39 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي، جيڪڏهن اوهان نوان ڪئنال ٺاهيا ته پنجاب پنهنجو پاڻي ڪٿان ڪڍندو؟.
سندس چوڻ هو ته چونڊن کان وڏو ڪو پئمانو ناهي هوندو ۽ سنڌ جي اڪثريت پ پ مان مطمئن آهي، پيپلزپارٽي جي ڪامياب ميمبرن تي فارم 47 جو الزام ناهي پر مسلم ليگ نون جي ماڻهن تي فارم 47 جا الزام آهن.- Advertisement -
