سنڌ هائيڪورٽ ٻن ورهين جي نينگر سميت 5 گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ درخواستن تي ٻڌڻي

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ ٻن ورهين جي نينگر سميت 5 گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ درخواستن تي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 24 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هائيڪورٽ ۾ ٻن ورهين جي نينگر سميت پنجن گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ۾ درخواست ڏيندڙ چيو ته وقار بهادر 9 سالن کان گم آهي، 35 جي آءِ ٽي ٿي چڪيون آهن، اهڙي جي آءِ ٽيز جو ڪهڙو فائدو جنهن سان ڪجھه پتو نه پئي. جاچ آفيسر چيو ته سڀاڻي جي آءِ ٽي جو اجلاس آهي، درخواست اڳ ئي رد ٿي چڪي هئي. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته ٻن ورهين جو سمير، شير شاهه مان گم ٿي ويو آهي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا ٻارڙي جي گم ٿيڻ جو ڪيس داخل ٿيو هو. جاچ آفيسر چيو ته ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پبلڪ پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته گم ٿيل شهري بلال جي ڪيس ۾ گرفتاري ڪئي وئي آهي. عدالت جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ڪوٺائڻ جي هدايت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي. عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 24 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
27.4 ° C
27.4 °
27.4 °
24%
1.2m/s
0%
سُومر
28 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
31 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون